سحري ۽ افطاري ۾ پاڻي يا ميون جو رس وڌيڪ پيئو: طبي ماهر

news

حيدرآباد: جمعو 10 مٸي 2019ع: هاڻوڪي عرصي جي دوران رمضان المبارڪ گرمين ۾ آيو آهي، سخت گرمي ۾ روزو رکڻ سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ واقع ٿي سگهي ٿي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۾ جاري روزن دوران سحري ۽ افطاري ۾ پاڻي جو استعمال وڌائڻ گهرجي، پاڻي يا ميون جي رس وڌ کان وڌ پيئو، پنهنجي غذا ۾ کير ۽ دهي جو استعمال به ضرور ڪريو.

طبي ماهرن موجب رمضان المبارڪ ۾ سخت گرمي سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ستن آسان طريقن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

طبي ماهرن موجب سحري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 گلاس پاڻي لازمي پيئو، روزن ۾ جوس ۽ ڪولڊ ڊرنڪ کان پاسو ڪريو ڇو ته اوهان جي وزن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

طبي ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هي ته اهڙن کاڌن جو استعمال ڪريو جن ۾ پاڻي جي مقدار وڌيڪ هجي جهڙوڪ ڇانهي، کيرو، سلاد وغيرا، اهو اوهان جي جسم جي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪندو.

طبي ماهرن موجب افطاري جي وقتن ۾ هڪڙي هنڌ 7 يا 8 گلاس پاڻي پيئڻ سان اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو جڏهن ته روزي کانپوءِ کجور ۽ 2 گلاس پاڻي سان افطار ڪريو.