ملير ۾ دڪان جي معاملي تان نوجوان قتل، ٻئي واقعي ۾ پورهيت فيڪٽري اندر ڌڪ لڳڻ سبب فوت

news

ملير: (رپورٽ درياخان شر): جمعو 10 مٸي 2019: ملير جي بن قاسم ٿاڻي جي حد بن قاسم صنعتي علائقي ۾ اسٽيل مل لڳ آغا اسٽيل فيڪٽري ۾ نوجوان ڪولهي پورهيت  ڀيم راج ولد پهلاج  ڪم دوران اوچتو ڪرين مان وزني شئي لڳڻ  سبب زخمي ٿي پوڻ ڪري موقعي تي فيڪٽري ۾ ئي فوت ٿي ويو۔

جنهن کي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد فيڪٽري جي خرچ تي گاڏيون ڪري وارثن سان گڏ پنهنجي اباڻي شهر پنگريو روانو ڪيو ويو۔

ان موقعي تي فيڪٽري مينيجر دانش ٻڌايو ته ڀيمراج هڪ هفتو اڳ فيڪٽري جي ٺيڪيدار وٽ ڪم تي لڳو ته اڄ سندس حادثو ٿي پيو جنهن ۾ هو بچي نه سگهيو مينيجر فوتي پورهيت جي وارثن کي هر  ممڪن مدد جو يقين ڏياريندي رزاق آباد پهتو جتان کين گاڏيون ڪري سمورو خرچ ڀري پنهنجي علائقي ڏانهن روانو ڪيو.

ٻئي طرف اڄ  شام ڌاري اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد  گلشن حديد لڳ مسلم ڪوچ بس اڏي تي اٺن سالن کان گاڏين جي مڪينڪ   جو دڪان هلائيندڙ پورهيت اعجاز علي ولد حسن رڪ کي دڪان جي هلندڙ تڪرار تان پٺاڻ اوچتو حملو ڪري ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

فوتي نواجون پورهيت پنهنجي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو پورهيت جي پي حسن رڪ ٻڌايو ته اسان پپري جي مريد گبول ڳوٺ ۾ رهندا آهيون منهنجو پٽ مڪينڪ جو دڪان هلائي اسان جو پيٽ پاليندو هو ان دڪان تي قبضي لاءِ ڄاڻايل پٺاڻ اڳ ۾ به ٻه ٽي حملا ڪيا ۽ اڄ نيٺ هن حملو ڪري منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

هن پوليس تي الزام هنيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري چريو قرار ڏيئي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن  آئي جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي۔ اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.