مبارڪپور ۾ موٽرسائيڪل جي ٽڪر لڳڻ سبب نينگر زخمي، اسپتال داخل

news

مبارڪپور: جمعو 10 مٸي 2019: مبارڪپور مين اسٽاپ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ ڏھن سالن جو نينگر شديد زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مبارڪپور ٺل جيڪب آباد روڊ تي شھر جي اسٽاپ وٽ روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار موٽر سائيڪل جو نينگر کي ٽڪر لڳو، جنھن جي نتيجي ۾ آفتاب علي ولد عبدالحق مهر شديد زخمي ٿي پيو.

زخمي نينگر کي علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔