خيرپور ناٿن شاهه جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ست کان وڌيڪ ايڊز جا ڪيس ظاهر، ساڃاهه وندن پاران ڳڻتي

news

خيرپور ناٿن شاهه: ڇنڇر 11 مٸي 2019: خيرپور ناٿن شاهه جي مختلف ڳوٺ علائقن مان ست کان وڌيڪ ايڊز جا ڪيس ظاهر، ساڃاهه وندن پاران صحت کاتي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو ته سرڪاري سطح تي ڪي اين شاهه ۾ هيپاٽائيٽس ايڊز جي چڪاس لاء فري ڪئمپ قائم ڪئي وڃي، ۽ غير رجسٽرڊ ليباٽريز ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن ڪيو وڃي.

خيرپور ناٿن شاهه سميت مختلف  علائقن مان 7 کان وڌيڪ ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن اهڙي عمل تي شهر جي ساڃاهه چيو ته شهر ۾ 10 کان وڌيڪ غير رجسٽرڊ ليباٽريون آهن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو اڻکٽ انگ آهي، جنهن ڪري ايڊر سميت هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جنسي جسماني بيماريون پيدا ٿين ٿيون.

هنن وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي مڪمل طور تي نااهلي آهي جنهن ڪري ڪي اين شاهه سميت سڄي سنڌ جي شهرن ۾ اهڙا ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته سرڪاري سطح تي ڪي اين شاهه ۾ هيپاٽائيٽس ايڊز جي چڪاس لاء فري ڪئمپ قائم ڪئي وڃي ۽ غير رجسٽرڊ ليباٽريز ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن ڪيو وڃي.