ملير: گلشن حديد ۾ ڇريون هڻي قتل ڪيل نوجوان جو مک جوابدار گرفتار، رمانڊ تي پوليس حوالي

news

ملير:(رپورٽ: دريا خان شر) ڇنڇر 11 مٸي 2019ع: اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ۾ جوابدار  محمد ڪامران ھٿان ڇرين جي حملي ۾ قتل ٿي ويل گھوٽڪي واسي نوجوان اعجاز رڪ جي جنازي نماز پپري فٽبال گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جوابدار محمد ڪامران کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

گرفتار جوابدار پنھنجي اعترافي ويڊيو بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو آھي ته ان پنھنجي دوستن حفيظ ۽ اسلم جي چوڻ تي اعجاز کي قتل ڪيو آھي پر پوليس انھن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، گرفتار جوابدار کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ايڊمنسٽيرٽ جج عبدالمالڪ گڊي جي عدالت  ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس پاران 14 ڏينھن جي رمانڊ جي درخواست جمع ڪرائي پر عدالت پوليس کي چار ڏينھن جو رمانڊ ڏئي ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر جو چوڻ آھي ته فرار ٿي ويل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف جڳھن تي  ڇاپا ھڻي رھيا آھيون.01