پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

news

ڪراچي: (آچر 12 مئي 2019ع) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ ماءُ سان محبت جي اظهار جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ مائرن سان محبت ۽ ان جي احترام کي اوليت ڏيڻ آهي.

مائرن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ ان جو سڀ کان پهريان يوناني تهذيب مان سراغ ملي ٿو. جتي سمورن ديوتائن کي ماءُ“گرهياديوي” جي مان ۾ اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. 16هين صدي ۾ ايسٽر کان 40 ڏينهن اڳ انگلينڊ ۾ هڪ ڏينهن مدرنگ سنڊ جي نالي سان موسوم هو. آمريڪا ۾ مائرن جي ڏينهن جي شروعات 1872ع ۾ ٿي. سن 1907ع ۾ فلاڊيفيا جي اينا جاروس  هن کي قومي ڏينهن جي طور تي ملهايو ۽ تحريڪ هلائي جيڪا  آخر ڪامياب رهي ۽ 1911ع ۾ آمريڪا جي هڪ رياست ۾ اهو ڏينهن ملهايو ويو.

ان ڪوششن جي نتيجي ۾ 8 مئي 1914ع تي آمريڪي صدر ووٽرو ولسن مئي  جي ٻئين آچر کي سرڪاري طور تي مائرن جو ڏينهن قرار ڏنو. هاڻ  پوري دنيا ۾ هر سال مئي جي ٻئين آچر تي اهو ڏينهن ملهايو ويندو اهي. مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته والدين هڪ ڇانو هوندا آهن جنهن جي ٿڌاڻ جو احساس ان وقت تائين ناهي ٿيندو جيستائين  اها ڇانو اسان جي مٿان موجود هوندي آهي. جيئن ئي اها ڇانو اسان جي مٿان ختم ٿيندي آهي تڏهن اسان کي خبر پوندي آهي ته اسان ڪيتري قيمتي شيءَ وڃائي ڇڏي آهي.

هر سماج، قوم قبيلي ۽ مذهب  ۾ والدين کي بنيادي اهميت حاصل آهي. ماءُ جو مان پوري دنيا ۾ مڃيل آهي. ان کي ڪنهن به گواهي جي ضرورت ناهي هوندي. ماءُ اها ذات هوندي آهي جيڪا نسل انسان کي نه صرف اڳيان وڌائيندي آهي جڏهن ته انهي جي ئي جهولي ۾ انسان جي پهرين تعليمي درسگاهه هوندي آهي.

هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مقدس رشتي جي عظمت ۽ اهميت تي روشني وجهڻ هوندي آهي هن ڏينهن تي پٽ پنهنجي ماءُ کي خوش ڪرڻ لاءِ خصوصي پروگرام ڪندا آهن ۽ هو پنهنجي مائرن کي تحفا به پيش ڪندا آهن جن ۾ روايتي گلن کان وٺي  ڪارڊز ۽ قيمتي شين تائين هوندا آهن.