مسو ڀرڳڙي ۾ ڳوٺاڻي جو معصوم ٻارڙن سميت ڪاروباري پاٽنر خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مسوڀرڳڙي: آچر 12 مٸي 2019ع:مسوڀرڳڙي ويجهو ڦليلي  جي رهواسي محمد حسين گورچاڻي پريس ڪلب مسوڀرڳڙي تي سندس پاٽنر شبير حسين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سندس ڪاروباري پارٽنر پرائمري استاد سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ آرا مشين ۾ ڪاٺين جو ڪاروبار ڪندڙ شبير حسين شيخ پاران مبينا طور تي جاني ۽ مالي نقصان رسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن.

احتجاج ڪندي محمد حسين گورچاڻي ٻڌايو ته ساڍا ٽي سال اڳ مون ۽ منهنجي سنڍو شفيع سومرو جي ڀاءُ اياز سومرو ڪاٺين جي ڪاروبار لاءِ 6 لک رپيا ڏنا هئا، جنهن جا اسان وٽ اسٽامپ پيپر تي لکيل سمورا دستاويز موجود آھن، هر سال ڪاروبار جو حساب ڪتاب ڪرڻ جو طيء ڪيو ويو پر ساڍا ٽي سال گذري وڃڻ باوجود ڪوبه وهنوار ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي.

هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ مون حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته هن مون کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته منهنجا وڏن سياسي ماڻھن ۽ انٽيليجنس وارن سان واسطا آھن، جيڪڏھن تو ڪا ڪارروائي ڪرائي ته توکي ۽ تنهنجي ٻارن ٻچن کي ڏسي رهندس.

هن چيو ته منهنجي پئسن مان ساڍن ٽن سالن ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جو ڪاٺين جو ڪاروبار ڪيو آھي، 150 رپيا مڻ ڪاٺيون وٺي ساڍا ٽي سئو رپين ۾ وڪرو ڪيون پوء به چوي ٿو ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو آھي، هاڻي ته هن قدر ڌمڪيون پيو ڏئي ته توکي ۽ تنهنجي ٻچن کي نقصان رسائيندس. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڊي ايس پي ميرپورخاص کي فيصلي لاءِ درخواست ڏني پر هو ڊي ايس پي وٽ ڪون آيو.

هن چيو ته مون پنهنجي سڄي زندگي جي جمع پونجي ڪاروبار لاءِ شبير حسين شيخ کي ڏئي ڇڏي، هاڻ ته منهنجا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هن سنڌ جي قانون واري وزير، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ميرپورخاص، سيڪيريٽري ايجوڪيشن سنڌ، ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن عملدارن سان مطالبو ڪيو آھي ته مکڻ سمون جي پرائمري ٽيچر ۽ ڪاٺين جو ڪاروبار ڪندڙ شبير حسين شيخ خلاف ڌمڪين ۽ ڪاروبار ۾ فراڊ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري مون مسڪين کي انصاف ڏياريو وڃي.01