مصر ۾ مئل قرار ڏنل شخص دفنائڻ جي ٽن ڏينهن کانپوءِ گهر پهچي ويو

news

قاهرا: آچر 12 مٸي 2019ع: مصر ۾ هڪ شهري گذريل ڏينهن ۾ اوچتو گم ٿي ويو، گهروارن ان جي ڳولا ڪئي پر هو نه مليو، پوليس کي نيل درياهه وٽان هڪ لاش مليو جيڪو ڏکڻ قاهرا جي علائقي حلوان جي عرب غنيم ڪالوني مان گم ٿيندڙ 30 ورهين جي رمضان علائو الدين جو هم شڪل هو.

مڙدي جي سڃاڻپ رمضان علائو الدين جي طور تي ڪئي وئي ۽ ان جي وارثن لاش دفن به ڪري ڇڏيو، تدفين جي ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن گهروارا لڳاتار تعزيت ۾ مصروف هئا ته رمضان اوچتو گهر پهچي ويو.

رپورٽ موجب نيل درياهه مان جنهن شخص جو لاش مليو ان ۾ اهي ئي علامتون هيون جيڪي رمضان جي سڃاڻپ جو حصو ٿي سگهن ٿيون، مثال تي ان جي سيني تي سڙڻ جو چٽو نشان آهي.

مڙدا شخص جي سيني تي به اهو ئي نشان هو ۽ ڊيگهه به ايتري ئي هئي جڏهن ته منهن جي سڃاڻپ ڏکي ٿي رهي هئي، رمضان علائو الدين جا گهروارا صدمي ۾ ورتل هئا ته هن اوچتو گهر جو دروازو کڙڪايو، هن پنهنجي گهروارن کي ٻڌايو ته هو زندا ۽ عافيت سان آهي، هو گهرواري سان جهيڙي کانپوءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا ڪم جي لاءِ اسڪندريا هليو ويو هو، هن جي ڪنهن دوست ان کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ان کي مڙدا قرار ڏنو ويو آهي.