سوشل ميڊيا تي ڪيترين ئي چيلينجز کانپوءِ هاڻ ٽنڊڻ سان سيلفين جو رجحان وڌڻ لڳو

news

ميانمار: آچر 12 مٸي 2019ع: هاڻوڪن سالن ۾ سوشل ميڊيا تي اسان ڪيتريون ئي بيوقوفاڻيون ۽ عجيب سيلفي چيلينج ڏٺيون آهن جن ۾ ڪاڪروچ سيلفي هڪ نئون رجحان آهي جيڪو تيزي سان وڌي رهيو آهي.

ٽنڊڻ چيلينج تحت منهن تي زندا ٽنڊڻ رکي ان سان سيلفي ڪڍي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ ان جي شروعات جي حتمي تاريخ ته اڃان تائين ڪنهن کي خبر ناهي پر گذريل مهيني کان اها چيلينج مشحور ٿي آهي، تقريبن سڀ کان پهريان ميانمار جي هڪ نوجوان ايلس اونگ ان کي شروع ڪيو.

ايلڪس سڀ کان پهريان هڪ زندا ٽنڊڻ کي پنهنجي منهن تي رکيو ۽ ان جي سيلفي ڪڍي ان کي فيس بڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي تصوير پوسٽ ڪري لکيو ته اها نئين چيلينج آهي ۽ ڇا اوهان ايئن ڪري سگهو ٿا؟.

ان کانپوءِ تصوير فوري طور تي وائرل ٿي وئي ۽ ڪجهه ڪلاڪن تي ان تي 5600 ري ايڪشن آيا ۽ 18000 ماڻهن ان کي شيئر ڪيو، ايستائين جو اها شيئر ٿيندي ٿيندي فلپائن، انڊونيشيا ۽ ٻين ملڪن تائين اها پوسٽ ڪئي، ان کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن ٽنڊڻ کي منهن تي ويهاري سيلفيون ڪڍيون ۽ هڪ نئين سيلفي چيلينج جو رجحان بڻجي ويو.