وزيراعظم لانگ ٽرم معاشي پاليسي آڻي رهيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

news

سيالڪوٽ: آچر 12 مٸي 2019ع: سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين بلدياتي نظام جي تحت سهولتون عوام جي چانوٺ تائين پهچايون وينديون.

ماضي جي حڪمرانن اقتدار ۽ اختيارين کي پنهنجي گهر جي لونڊي بڻائي رکيو هو، وڏو ڀاءُ وفاق جڏهن ته ننڍو ڀاءُ صوبي ۾ اختيارن تي نانگ بڻجي ويهي ويو، عوام جي طاقت سان اسٽيٽس ڪو کي شڪست ڏينداسين، هاڻ نئين بلدياتي نظام جي تحت سموريون سهولتون عوام جي چانوٺ تائين پهچايون وينديون.

حڪومت کي احساس آهي ته مهانگائي جي ڪري ماڻهو پريشان آهن پر ڏکيو وقت جلد ختم ٿيندو ڇو ته عمران خان لانگ ٽرم معاشي پاليسي آڻي رهيو آهي.

منهنجي سيٽ منهنجي تڪ جي امانت آهي، لوهه جي ڀت بڻجي پنهنجي پنهنجي مورچن تي بيهي رهو، عمران خان عوام جي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهي.