ملير ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مختلف دڪانن تي ڇاپا، ريٽ لسٽ نه هجڻ تي ڏنڊ مقرر

news

ملير:(رپورٽ: دريا خان شر) آچر 12 مٸي 2019ع: ملير ۾ رمضان آرڊينينس خلاف ورزي ڪندڙن ۽ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ملير محمد سليم ميمڻ، روينيو عملي ۽ پوليس گڏجي ملير جي مختلف علائقن  تي اوچتا ڇاپا هڻي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا.

جڏهن ته مٿين آفيسرن ملير جي مختلف علائقن ۾ روز مرھ جون شيون وڪرو ڪندڙ ڪريانه اسٽورن، فريوٽ سبزي برف ۽ ريزيڪي دڪانن تي وڃي روز مرھ جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ اگھ وٺندڙ ڇهن ڄڻن سکيو خان، اڪبر راجپوت، محمد علي چانديو، نذير راجپوت ۽ ٻين تي 13 هزار ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر  ملير ۽ پوليس جي نفري جي اوچتو ڇاپا هڻڻ ڪري ملير ۾ منافع خورن توڙي ماھ رمضان جو احترام نه ڪندڙن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ اهي ڇاپا ملير جي مختلف علائقن ۾ لاڳاتار ٻه ٽي ڪلاڪ جاري رهيا. رمضان آرڊينينس تحت شام جو 3 بجي کاڌي پيتي جا دڪان کولڻ جو ٽائيم مقرر ڪيو ويو آهي.01