سوشل ميڊيا تي ڪردارڪشي ڪندڙ جعلي آئيڊي خلاف جاچ ڪئي وڃي: وائيس چيئرمين اڏيرو لال اسٽيشن

news

اڏيرو لال اسٽيشن:سومر 13 مٸي 2019ع: يونين ڪائونسل اڏيرو لال اسٽيشن جي وائيس چيئرمين عزت علي برهماڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا فيس بڪ تي هڪ فيڪ آئيڊي رئيس خان جي نالي سان ٺهيل آهي، جيڪو عزتدار ۽ سياسي سماجي ماڻهن خلاف اخلاق کان ڪريل پوسٽون رکي بدنام ڪرڻ واري عمل جو سلسلو شروع ڪيو آهي.

هن چيو ته جعلي آئيڊي رئيس خان گذريل ڏينهن منهنجي خلاف فيس بڪ تي اخلاق کان ڪريل غليظ قسم جا لفظ لکي منهنجي ساک کي نقصان پهچايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جعلي آئيڊي هلائيندڙ کي ڪنهن جي سياسي سپورٽ آهي، جنهن ڪري اهو شهر جي عزتدار ماڻهن کي تنگ ڪري رهيو آهي.

وائيس چيئرمين عزت علي برهماڻي وڌيڪ چيو ته اڏيرو لال اسٽيشن شهر ۾ گهر آهي، 25 سالن کان هتي رهان پيو ۽ هتي جو ٻچو، نوجوان، نياڻيون منهنجو پنهنجو اولاد آهن، جيڪي به منهنجي خلاف رئيس خان جي نالي تي ٺهيل جعلي آئيڊي تي الزام لڳا ويا آهن ته ڪوبه ثابت ٿئي ته ان جو فيصلو خود  عوام پاڻ ڪري، ڇو ته هتي منهنجون نياڻيون به آهن ۽ منهنجو عزتدار  پيشو آهي.

هن چيو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان جعلي آئيڊي بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهيد دربار علي شاهه جي گڏيل تصوير سان ٺهيل آهي. هن چيو ته فيڪ آئيڊي جي سڌو ماڻهن تي الزام هڻندڙ شايد هن کي سياسي سپورٽ حاصل آهي. يا ذاتي طور تي شريف ماڻهن تي گند اڇلائي ڪنهن جي دامن کي داغدار ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته آئون هن فيڪ آئيڊي خلاف سائبر ڪرائيم سميت مختلف ڪورٽن ۾  ڪيس داخل ڪرائندس.01