آمريڪا جي خليجي ملڪن ۾ موجودگي خطرو نه هدف آهي: ايراني ڪمانڊر

news

تهران: سومر 13 مٸي 2019ع: پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر چيو آهي ته آمريڪي فوج جي خليجي ملڪ ۾ موجودگي اسان جي لاءِ ڌمڪي يا خطرو نه پر اسان جو هدف آهي جنهن کي اساني سان نشانو بڻائي سگهون ٿا.

عالمي خابرو اداري موجب پاسدارن انقلاب طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر ۾ آمريڪي ٻيڙي ۽ جيٽ فائٽر بي 52 جهازن جي موجودگي ايران لاءِ خطرو نه پر هدف آهي جنهن کي اسان آساني سان نشانو بڻائي سگهون ٿا.

پاسدارن انقلاب طرفان اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا پنهنجا جيٽ فائٽرز جهاز بي-52 قطر ۾ پنهنجي فوجي ڪيمپ منتقل ڪيا ۽ جهاز بردار هڪ ٻيڙو به قطر جي لاءِ روانو ڪيو آهي، آمريڪا اهو قدم ايران طرفان عالمي جوهري معاهدي جي ڪجهه شقن تان هٿ کڻڻ کانپوءِ کنيا.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب خليجي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ گذريل ڏينهن آبنائي هرمز ويجهو گڏيل عرب امارتن جي بندرگاهه الفجيرا تي ٻن تيل بردار سعودي ٻيڙن تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته حملي آورن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.