ميرپور خاص پوليس جي عورت اهلڪار کي ڊي آءِ بي انچارج پاران هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

news

ميرپور خاص: سومر 13 مٸي 2019ع: ميرپور خاص پوليس جي آفيسرن ئي وومين هراسمينٽ ايڪٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو ميرپور خاص جي وومين ٿاڻي تي مقرر مينا نالي پوليس اهلڪار طرفان پنهنجي ئي ڊپارٽمينٽ جي ڪارين رڍن تي سنگين الزام.

عورت اهلڪار طرفان انڪشاف ڪيو ويو ته ڊي آءِ بي انچارج دانش عورت اهلڪارن کي دوستي رکڻ ۽ غير اخلاقي ضرورتون پوريون ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي ۽ انڪار تي سخت انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي رهيو آهي.

مينا نالي عورت اهلڪار جو جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او وومين پوليس سمورن معاملن کان باخبر آهي جڏهن ته ڊي آءِ بي انچارج دانش راءِ هلندڙ ناري کان نمبر وٺڻ ڏيڻ سميت دوستي ڪرائڻ تي به مجبور ڪندو آهي ۽ ايئن نه ڪرڻ تي گٿا لفظ ڳالهائيندو آهي. ڊي آءِ بي انچارج جون غير اخلاقي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته رات جي هن پهر سنسان مارڪيٽ کسڪ پورا ۾ ڊيوٽي لڳائي ڇڏي.

عورت پوليس اهلڪار طرفان سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن اسان غلط ثابت ٿياسين تهاس ان کي سزا ڏني وڃي ۽ ڊي آءِ بي انچارج دانش تي الزام ثابت ٿيا ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.