ايڊز کان بچاءَ لاءِ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: دادو ۾ سيمينار

news

دادو:اڱارو 14 مٸي 2019ع:ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي هدايت تي  سول اسپتال دادو ۾ ايڇ آءِ وي ۽  ايڊز جي بيماري جي روڪٿام لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي سجاڳي لاءِ ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ واسطي هڪ روزه سيمينار معنقد ڪيو ويو، جنهن جو مهمان خاص ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون عبدالغفارسومرو هو، سيمينار جي ميزباني تعلقي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ٻٻر ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز پروگرام فوڪل پرسن ڊاڪٽر شيراز احمد ڏاوڇ، ڊسٽرڪٽ ايڊزٽاسڪ فورس آن ايڇ آءِ وي ڊاڪٽر زاهد حسين کهڙو ۽ چائلڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو  چيو آهي ته ايڇ آءِ وي ايڊز هڪ خطرناڪ بيماري آهي، احتياط سان هن موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو، ايڊز جي پکيڙڻ کان روڪڻ لاءِ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ مريضن کي رت لڳائڻ دوران هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ٻين بيمارين سان گڏوگڏ ايڇ آءِ وي ايڊز جي اسڪريننگ لازمي ڪئي وڃي.

ان مقصد لاءِ تمام سرڪاري اسپتالن ۾ ٽيسٽن جي ڪٽس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايڇ آءِ وي ايڊز جي متاثر مريضن جي علاج لاءِ هاڻي نواب شاھ جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نواب شاھ ۾ پڻ سينٽر کوليو پيو وڃي، جنهن ۾ متاثر مريضن جون ٽيسٽيون ۽ دوائون مفت فراهم ڪيون وينديون ۽ مريضن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو پنهنجي علائقن ۾ حجمن کي ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جي ڦهلائڻ کان روڪڻ بابت ڄاڻ ڏين ته هر ڀيري نئون بليڊ استعال ڪرڻ  جو پابند  بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ ايڊز متاثر مريضن جي سموري خاندان ۽ نشو واپرائيندڙ، ٽرانسجينڊرن ۽ جسم فروشي ڪندڙ عورتن جي بلڊ ٽيسٽ، اسڪريننگ  ڪئي وڃي.

آخر ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون عبدالغفارسومرو چيوته صحت کاتي جي عملدارن تي اهو فرض ٿئي ٿو ته هو پاڻ کي ۽ ٻين سڀني کي خطرناڪ ايڇ آءِ وي انفڪشن جي بچاءَ لاءِ سڀ طريقا ڪتب آڻين ۽ عوام کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار احسن طريقي سان ادا ڪن، ان ۾ ضلعي انتظاميا صحت کاتي سان هر طرح سان مڪمل تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هن پروگرام ۾ ايڊيشنل دي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالعزيز چانڊيو، ڊسٽرڪٽ ايس ايل ايڇ ڊبليو ڊاڪٽر شاهد شيخ، ايڊيشنل ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر عبدالحميد ميراڻي، ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽرسجاد لغاري،  ڊاڪٽر غلام حسين پنهور، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

بعد ۾ سول اسپتال مان عوا ۾ ايڇ آءِ وي ۽  ايڊز جي بيماري جي روڪٿام لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون عبدالغفارسومرو، ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز پروگرام فوڪل پرسن ڊاڪٽر شيراز احمد ڏاوڇ، ڊسٽرڪٽ ايڊز ٽاسڪ فورس آن ايڇ آءِ وي ڊاڪٽر زاهد حسين کهڙو ۽ چائلڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو، ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر سجاد لغاري اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.01