اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري پاران اڏيرو لال اسٽيشن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي، ڪينڪ سيل

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڱارو 14 مٸي 2019ع:اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري امام بخش ڪاڪا ۽ فوڪل پرسن زاهد صدر جي اڏيرو لال اسٽيشن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي، ڪينڪ سيل.

تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري امام بخش ڪاڪا ۽ فوڪل پرسن زاهد صدر جو اڏيرو لال اسٽيشن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا، عطائي ڊاڪٽر ڇاپا مار ٽيم جو ٻڌي ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏهن ته اسلم ڪشميري  جي اوميوپيٿڪ ڪلينڪ تي استعمال ٿيل سرنجون هٿ اچڻ تي ڪلينڪ کي سيل ڪيو ويو.

ان موقعي تي فوڪل پرسن ڊاڪٽر زاهد صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رتوديرو ۾ ايڊز  جا ڪيس زاهر ٿيڻ  بعد اسان ڪمشنر حيدرآباد، ڊي جي هيلٿ ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي حڪم تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري ڪلينڪون سيل ڪري رهيا آهيون.01