واتس ايپ هيڪ ٿيڻ جي تصديق، اسرائيلي ڪمپني تي الزام

news

نيويارڪ: اڱارو 14 مٸي 2019ع: واتس ايپ اعتراف ڪيو آهي ته هڪ اسرائيلي ڪمپني ان جي ايپ جي سيڪيورٽي جي هڪ وڏي خامي جو فائدو کڻي واهپيدارن جي فونز  ۽ ٻين ڊيوائسز جي پيغامن ۽ ٻي ڄاڻ تائين رسائي حاصل ڪئي.

فيس بڪ جي ملڪيتي ڪمپني واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته ان حملي جو نشانو مخصوص واهپيدار ٿيا جڏهن ته ان معاملي کي گذريل جمعي تي حل ڪيو ويو آهي.

هڪ رپورت موجب حملو اسرائيلي سيڪيورٽي فرم اين ايس او گروپ ڪيو اهو ئي سبب آهي جو گذريل هفتي واٽس ايپ پنهنجي ڏيڍ ارب واهپيدارن کي ايپ کي احتياطي تبدير جي طور تي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.