افطار کانپوءِ سگريٽ پيئڻ سان اوچتو موت جو خطرو

news

انقرا: اڱارو 14 مٸي 2019ع: رمضان اهڙا ماڻهو جيڪي روزو کوليندي ئي سگريٽ پيئڻ جا عادي آهن اهي پنهنجو پاڻ کي جسماني طور تي سخت خطرن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، ترڪي ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته روزو افطار ڪرڻ کانپوءِ سگريٽ پيئڻ کان وڌيڪ خطرناڪ عمل ٻيو ڪوبه ناهي.

ميڊيا رپورٽ موجب تحقيق مان خبر پئي اهي ته افطار جي وقت جسم کي پاڻ، گلوڪوز ۽ آڪسيجن جي سخت ضرورت هوندي آهي. اهڙي ۾ سگريٽ جي هڪ سُوٽي سان وال سڪڙجي ويندا آهن ۽ رت ۾ آڪسيجن مناسب منقدار ۾ جذب ناهي ٿيندي، ان جي نتيجي ۾ رت گهاٽو ٿي ويندو آهي جنهن سبب ان جي ڄمڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي.

دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ٿي ويندي آهي، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول جو مقدار وڌي ويندو آهي ۽ انهن سڀني عملن سان دل جون بيماريون پيدا ٿيڻ جو خطرو ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ شامل هڪ طبي ماهر جو چوڻ آهي ته رمضان ۾ افطار کان فوري پوءِ سگريٽ ڇڪڻ نه صرف دل جي بيمارين ۾ وجهي سگهي ٿو پر ان سان گڏوگڏ اها جسماني جهٽڪن ۽ هٿن پيرن ۾ ڏڪڻي جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.

تحقيق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آسان لفظن ۾ افطار کان فوري پوءِ سگريٽ پيئڻ اوهان جي اوچتو موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته رمضان ۾ سگريٽ پيئڻ سان رت جي والن جي ڀتين کي سخت نقصان پهچندو آهي جيڪو باقي پوري سال ۾ پهچندڙ نقصان کان وڌيڪ هوندو آهي.