ترڪي ۾ ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڏيون فوجي مشقون شروع

news

انقرا: اڱارو 14 مٸي 2019ع: ترڪي ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڏيون مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪ فوج ايجيئن سمنڊ، رومي سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ ۾ هينئر تائين جون سڀ کان وڏيون جنگي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ترڪ دفاعي وزارت موجب سي وولف نالي انهن مشقن ۾ 26 هزار فوجي، هڪ سئو کان وڏي ٻيڙا، هيليڪاپٽر ۽ ڊرون جهاز حصو وٺي رهيا آهن.

ترڪ دفاعي وزارت جو چوڻ آهي ته ان ۾ زميني، هوائي ۽ بحريا جا دستا پاڻ ۾ پنهنجا تعاون جي جاچ ڪري رهيا آهن، هلندڙ سال دوران ترڪ فوج جي ٻئين وڏي مشق آهي.