سڪرنڊ ويجهو نوجوان جو لاش هٿ

news

سڪرنڊ: اڱارو 14 مٸي 2019ع:ڳوٺ محرابپور ويجهو سڪرنڊ شھر جي مھراڻ ڪالوني جي رهواسي 25 ورهين جو لال دين رند پُٽ شرف الدين رند جو روڊ ڀرسان لاش ھٿ آيو، جنهن بعد  ڳوٺاڻن جي اطلاع تي سڪرنڊ پوليس موقعي تي پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو.

ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه ڏينھن پھرين فوتي نوجوان پنھنجي ڀيڻ سان گڏ ڳوٺ هاشم بروهي ملڻ ويو هو. جڏهن ته سڪرنڊ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آھي.01