سجاول ويجهو وين جي ڇت تان ڪرڻ سبب نوجوان فوت

news

سجاول: اربع 15 مٸي 2019ع:سجاول_ميرپور بٺورو روڊ تي دڙي موري اسٽاپ وٽ وين جي ڇت تي سفر ڪندڙ سجاول جو رهواسي 23 سالن جو نوجوان بلاول ملاح اوچتو وين جي  ڇت تان ڪري پيو، جنهن کي سامھون ايندڙ ٽرڪ چيپاٽي ڇڏيو، جنهن سبب نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

جنهن بعد نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال سجاول آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ شهر جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو.

ياد رهي ته وين ڊرائيورن طرفان لالچ ۾ اچي وين جي ڇت مٿي مسافرن کي ويهارڻ ڪري پيش ايندڙ حادثن سبب اڳ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن.

جڏهن ته وين ڊرائيورن ۽ اڏن وارن جي هن غلط عمل جي ڪيترائي ڀيرا نشاندهي ڪرڻ باوجود انتظاميا سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته هنن وين ڊرائيورن ۽ اڏن وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين اڳتي لاءِ اهڙا واقعا پيش نه اچن.01