زراف جي ٻچي کي طبي جوتا پارايا ويا

news

سياٽل: اربع 15 مٸي 2019: آمريڪا جي مشهور ووڊلينڊ پارڪ چڙيا گهر ۾ زراف جي ٻچي کي طبي جوتا پارايا ويا آهن. جنهن مان توقع آهي ته هن جو پيدائشي نقص ختم ٿي ويندو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ماده اوليويا مان پيدا ٿيندڙ ٻار زراف هونئن ته نارمل پيدا ٿيو هو پر ان کانپوءِ عملي محسوس ڪيو ته هن جي پوئين ٽنگن جو هيٺيون حصو هموار ۽ سڌو ناهي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن ئي جاري رهيو ته وڏي ٿيڻ کانپوءِ ان جي لاءِ گهمڻ ڦرڻ ۾ مسئلو ٿيندو.

ان کانپوءِ چڙيا گهر جي عملي پاران زراف جي ٽنگن جو ويجهڙائي سان جائزو ورتو ويو ۽ ان جي مناسبت سان پلستر سان گڏ جوتا ٺاهيا ويا، جيڪي زراف کي پارايا ويا آهن.