ڪوٽڙي: اربع 15 مٸي 2019ع:سنڌ ۾ ايڊز جي وڌندڙ مرض خلاف ڪوٽڙي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، سماجي تنظيم ڄامشورو سجاڳ فورم پاران موذي مرض ايڊز کي ڪيئن روڪجي ۽ ان جا نقصان ڪهڙا توڙي چڪاس ۽ اسڪرينگ فوري ڪرائڻ لاءِ توڙي مريضن کي فوري علاج جون سهولتون ڏيارڻ لاءِ مشعل بردار جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.
ڄامشورو سجاڳ فورم جي چيئرمين اقبال ڪوريجو، صدر جاني گهرياڻي، نظير چوهاڻ، ماروف سومرو، رضا جوکيو ۽ ٻين پاران عيدگاھ ڪوٽڙي کان بينر کڻي مشعل ٻاري جاڳرتا ريلي ڪڍي، شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي المدينه چوڪ پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ايڊز جا وڌندڙ ڪيس غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي.
لاڙڪاڻي کان ڪيس ظاهر ٿيندڙ هاڻ سڄي سنڌ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي، ڄامشورو ضلعي جي چئني تعلقن ۾ به ايڊز جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن، ان لاءِ صحت کاتي سميت هر مڪتبي فخر سان تعلق رکندڙ شعوري ماڻهو هن وباء کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن سنڌ هن موذي مرض کان نجات حاصل ڪري سگهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ هن بيماري خلاف هيلٿ کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري هنگامي بنيادن تي سڄي سنڌ ۾ اسڪرينگ وارو عمل تيز ڪيو وڃي.
اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته ايڊز ڪيسنر کان به خطرناڪ آھي، فقط اڳواٽ بچاءَ ممڪن آھي، ايڊز جي وڌڻ جو وڏو سبب ايڊز جي مريض سان جنسي لاڳاپا، عطائي ڊاڪٽر جيڪي ساڳيون انجيڪشنون مريضن کي هڻن ٿا ۽ حجام جيڪي ساڳيون بلڊ استعمال ڪن ٿا، ان ڪري هي مرض وڌي پيو، ايڊز جي مريضن سان نفرت ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
هن بيماري کان ڊڄڻ بدران هن سان مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آھي، مريضن سان گڏ کائي پيئي يا هٿ ملائڻ سان مرض ناهي لڳندو، پر جنسي لاڳاپا ۽ اوزار استعمال ڪرڻ سان بيماري ڦهلجي ٿي ان کي روڪڻ جي ضرورت آھي.
هنن چيو ته ملڪ مان اڃا پوليو ختم ناهي ٿي سگهيو ته هي بيماري ڪيئن روڪي سگهجي ٿي، ان تي سوال موجود آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عوامي علائقن ۾ ٽيسٽ ڪئمپون لڳائيون وڃن ۽ عطائي ڊاڪٽرن هر ماڻهو تي ساڳين پاڪي استعمال ڪندڙ حجمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.01