پنوعاقل ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جا ڇاپا، پندرنهن ڪلينڪون سيل، ڊاڪٽر فرار

news

پنوعاقل: اربع 15 مٸي 2019ع:پنوعاقل ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم اوچتو عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۽ اڻ رجسٽرار ليبارٽين تي ڇاپا ھنيا، ٽيم کي ڏسي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر اسپتالن کي ڇڏي فرار ٿي ويا، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم عطائين جي اسپتالن ۽ غيرقانوني ليبارٽين جا در کولي اوزار چيڪ ڪيا، جنھن کانپوءِ ڊاڪٽر اعجاز ملاڻو، ڊاڪٽر محمد مراد عباسي، ڊاڪٽر حاڪم راجپوت، ڊاڪٽر چيتن داس، ڊاڪٽر شنڪر، ڊاڪٽر سريچند سميت ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۽ ليبارٽيون سيل ڪيون ويون، ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي ٽيم جي ڇنڊ، مريضن کي لڳل ٿيلھيون لھرايون ويون.

ان موقعي تي سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊائريڪٽر سيد احمد رضا ڪاظمي، ڊپٽي ڊائريڪٽر صائمه گل، اشفاق احمد، اي ڊي ايڇ او شبير احمد دايو، فوڪل پرسن تنوير عباسي ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۽ غيرقانوني ليبارٽين خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن، جُڳاڙي ڊاڪٽر انسانن جي علاج بھاني سندن زندگي سان کيڏي رھيا آھن، جن خلاف ڪارروايون جاري رھنديون.

ھنن چيو ته ڪنھن به عطائي ڊاڪٽر کي بخش نه ڪيو ويندو، سمورن جا ڪاسائي گھر بند ڪري سُک جو ساھ کڻنداسين.

ھنن وڌيڪ چيو ته ماڻھو جُڳاڙي عطائي ڊاڪٽرن کان پنھنجو علاج نه ڪرائين، ڇاڪاڻ ته کين علاج بابت ڄاڻ ناھي، عطائي اڪثر ماڻھن کي ٺيڪ ڪرڻ بدران بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا.01