اڏيرو لال اسٽيشن ۾ کوسا برادري پاران ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: خميس 16 مٸي 2019ع:مٽياري تعلقي جي ڳوٺن حاجي بهرام خان کوسو، ڳوٺ ولي محمد کوسو ۽ ڳوٺ علي احمد کوسو جي رهواسين ولي محمد کوسو، علي محمد کوسو، غلام نبي کوسو، خادم حسين کوسو ۽ وقار علي کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ حاجي بهرام خان کوسو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي چونڊيل نمائندن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي کوسا برادريءَ جي ڳوٺن ۾ مٽياري ضلعي مان چونڊيل نمائندن مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول نه هجڻ ڪري اسان جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي رهيا آهن ۽ اسان جي ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب اسان جي ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻهو ڪاري سائي سميت ٻين موذي مرضن ۾ وڪوڙجي ويا آهن.

مظاهرين وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته يوسي بائو خان پٺاڻ ۾ کوسا برادريءَ جي ڳوٺن سان چونڊيل نمائندا ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيا ڪن. هنن چيو ته روڊن جي به ڪا سهولت ناهي، برساتن جي موسم ۾ اسان ڳوٺاڻن کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو ڳوٺاڻو بيمار ٿي پوي ٿو ته ان کي ايمرجنسيءَ ۾ اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ روڊ نه هئڻ ڪري وڏيون تڪليفون درپيش اچي رهيون آهن. هنن چيو ته مڪاني چونڊيل نمائندا غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي نلڪا ۽ سلائي مشينون ڏيڻ بجاءِ پنهنجن من پسند ۽ مٽن مائٽن کي ڏيئي رهيا آهن.

مظاهرين ميڊيا کي وڌيڪ ٻڌايو ته يوسي بائو خان پٺاڻ جي کوسا برادري جي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ چونڊيل نمائندن سان ملي درخواستون ڪيون پر سواءِ دلاسن جي ڪجهه به ناهي مليو. هنن چيو ته اسان هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا پيا اچون ۽ اسان پ پ جا پراڻا ورڪر ۽ قربانيون ڏيندڙ آهيون پوءِ به چونڊيل نمائندا اسان جي ڳوٺن کي نظر انداز پيا ڪن.

آخر ۾ هنن بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي بائو خان پٺاڻ جي کوسا برادريءَ جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول، روڊ، سي سي بلاڪ ۽ آر او پلانٽ لڳرائي ڏنا وڃن، جيڪڏهن اسان جي ڳوٺن جا مسئلا حل نه ٿيا ته اسان وزير اعليٰ هائوس ڪراچي اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.01