پاپوليشن کاتي جي ميل موبلائيزرن مطالبا پورا نه ٿيڻ تي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ڄامشورو: خميس 16 مٸي 2019ع:پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽيون ڪندڙ سوشل ميل موبلائزن طرفان عدالتي حڪم ۽ توهين عدالت ڪيس ۾ ٻن هفتن جي مهلت گهرڻ باوجود پڪو ڪرڻ جو آرڊر جاري نه ٿيڻ  ۽ گذريل 5 مهينن جون پگهارون جاري نه ٿيڻ تي 29 مئي تي ڪراچي پريس ڪلب ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ ۾ گذريل 18 ورهين کان ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽيون سوشل ميل موبلائيزن عدالتي حڪم ڏيڍ سال کان پڪو نه ڪرڻ ۽ توهين عدالت ڪيس ۾ ٻن هفتن جي مهلت گهرڻ باوجود پڪو ڪرڻ جو آرڊر جاري نه ٿيڻ ۽ گذريل 5 مهينن جون پگهارون جاري نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي 25 مئي تائين مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ 29 مئي تي ڪراچي پريس ڪلب ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ ميل موبلائيزرس ايسوسي ايشن فار بيٽر ڪميونٽي سروسز سنڌ جي اڳواڻن صدر محمد اسماعيل لنجواڻي، سينيئر نائب صدر عبدالخالق حبيباڻي، نائب صدر محمد حياب گولو، جنرل سيڪريٽري عبدالغني لغاري، نائب صدر امام ڏنو ناهيون، نائب صدر منير احمد جاگيراڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري طارق ڀٽو، جوائنٽ سيڪريٽري نياز علي لغاري، خزانچي فياض احمد ناريجو، پريس سيڪريٽري محمد صفر خشڪ ۽ رڪارڊ سيڪريٽري فرحان احمد سمون جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي اسان پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ گريجوئيشن جي بنياد تي گذريل 21 ورهين کان ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽيون ڪري رهيا آهيون، اسان جي داخل 13 قانوني پٽيشنن تي ڏيڍ سال سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي اسان کي پڪو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جنهن تي عمل نه ٿيڻ تي اسان توهين عدالت ڪرائي هئي جنهن تي پڻ ڪيترائي ڀيرا مهلت ورتي وئي.

تازو 8 مئي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻن هفتن جي مهلت گهري وئي هئي پر افسوس جو ان تي به عمل نه ٿيو آهي. ميل موبلائيزن سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي چيف سيڪريٽري، پاپوليشن کاتي جي صوبائي وزير، پاپوليشن کاتي جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته 25 مئي تائين سوشل ميل موبلائيزرن کي پڪو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان گڏ کين گذريل 5 مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.

ميل موبلائيزرن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 25 مئي تائين پڪو ڪرڻ وارو نوٽيفيڪشن جاري نه ڪيو ويو ته 29 مئي تي ڪراچي پهچي پريس ڪلب ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو، جنهن جي رد عمل جي ذميواري پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ذميوارن مٿان هوندي.01