ڄامشورو ۾ ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي تنظيمن جي اڳواڻن جي ملاقات، تعليمي سجاڳي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

news

ڄامشورو:خميس 16 مٸي 2019ع: ڄامشورو ۾ ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ اڳواڻن ڪوهستان ۽ ڪاڇي ۾ تعليمي سجاڳي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪوهستان ۾ گذريل 30 سالن کان سماجي ڪم ڪندڙ تنظيم عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين شيخ عبدالله ڪوهستاني ۽ ڪاڇي جي مشهور سماجي خدمتگار ارمان فائونڊيشن جي چيئرمين اياز واهي واري وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.

ملاقات ۾ ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ، سماجي شعور جي آگاھي ۽ تعليمي سجاڳي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ تعليمي سجاڳي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو.

ان موقعي تي سماجي تنظيم عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين شيخ عبدالله ڪوهستاني جو چوڻ هو ته جتي ڪوهستان ۾ ڪيترا تاريخي ماڳ مڪان رني ڪوٽ جو تاريخي دنيا جو سڀ وڏو قلعو، تونگ جو تاريخي قبرستان، جنهن ۾ 20-15 فوٽ بلند پٿر جي قبرن تي خوبصورت چٽڪاري ٿيل آهي، دنيا جي وڏن جنگلي جيوت جي حسين پارڪن مان کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ ڪيترا قدرتي چشما، درگاهون، تاريخي مندر مڙيون آهن ته وري ڪاڇي ۾ سنڌ جي ڪوهه مري گورک هل اسٽيشن جهڙو خوبصورت ماڳ، جتي گرميءَ جي مند ۾ ٿڌڙي هوائن جي نعمت موجود آهي ته اتي وري ڪنهن ڪنهن سال برف به ڪرندي آهي، پر افسوس ان ٻنهي تاريخي ماڳن ۽ تفريح گاهن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي، نه اتي وڃڻ لاءِ صحيح روڊ رستا ٺهيل آهن، نه وري ٻيون زندگيءَ جون ضروري سهولتون موجود آهن، جنهنڪري هنن ماڳن مان ڪو صحيح معنيٰ ۾ لاڀ حاصل نه ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سرڪار پاران هميشه وڏا اعلان ۽ ڊگھيون دعوائون ٿينديون رهيون آهن پر عملي طرح اتي ڪو خاطر خواهه بندوبست نظر نٿو اچي، اهي سرڪاري خزانا ڪهڙي واڳن جي پيٽ ۾ وڃن ٿا اها ڳولها اسان سماجي تنظيمن کي گڏجي ڪرڻ گهرجي ۽ ان ظلم جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ٻئي تنظيمون گڏجي گورک جي چوٽي ۽ کيرٿر جي چوٽي تي علائقي جي بهتري لاءِ شعور ۽ سجاڳي ڦهلائڻ خاطر خوبصورت تقريبون ڪوٺائينداسين. ان موقعي تي سماجي شخصيت روشن برهماڻي، منصور برهماڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01