والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان اٺ ڪشميرين جي شهادت تي اڄ مڪمل هڙتال

news

سري نگر: (جمعو 17 مئي 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان 8 ڪشميرين جي شهادت کان پوءِ حريت اڳواڻن جي اپيل تي اڄ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي.

گذريل ڏينهن ڀارتي فوجين ضلع پلواما ۽ باره مولا ۾ سرچ آپريشن جي نالي تي 8 ڪشميرين کي شهيد ڪيو هو جنهن جي خلاف اڄ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي.

شهيدن سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ سري نگر سميت ٻين ضلعن ۾ سمورا تعليمي ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهندا. جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ به نه هئڻ جي برابر هئي.

ٻئي طرف ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.