سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿي ويلن جي ڪيس جي ٻڌڻي: اختيارين کان اوڻٽيهه مئي تائين جواب طلب

news

ڪراچي: (جمعو 17 مئي 2019ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿي ويلن جي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت ڊي جي رينجرز، گهرو وزارت ۽ ٻين اختيارين کان 29 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضلع سينٽرل جي رهواسي محمد صادق جي گمشدگي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت وفاقي حڪومت سميت دي جي رينجرز، گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت اختيارين کان 29 مئي تائين جواب گهري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ محمد صادق جي بازيابي جي لاءِ ان جي زال صغرا درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صادق کي 11 مئي تي رينجرز اهلڪار گهران کڻي ويا هئا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ان کان اڳ محمد صادق جي پٽ محمد اشرف کي 2018 ۾ کنيو ويو هو.

پٽ جي بازيابي لاءِ محمد صادق هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جڏهن ته اشرف بازيابي کان پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ حراسمينٽ جي درخواست داخل ڪئي هئي. ٻئي درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ئي خاندان جي طرفان ٽئين درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.