هانيه عامر مداحن کي ياسر حسين کي تنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (جمعو 17 مئي 2019ع) هانيه عامر ۽ ياسر حسين وچ ۾ سوشل ميڊيا تي جنگ هاڻ ختم ٿيڻ تي نظر اچي رهي آهي. جتي هانيه پنهنجي مداحن سان ياسر حسين کي وڌيڪ تنگ نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اداڪاره هانيه عامر ۽ ياسر حسين ۽ ان جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرار گهڻو وڌي ويا هئا. ان جهيڙي جي شروعات هانيه عامر جي ٻن تصويرن کان ٿي جنهن ۾ هن پنهنجي چهري تي موجود داڻن جو ذڪر ڪندي معاشري ۾ قائم خوبصورتي جي معيار تي سوال اٿاريا هئا. جتي هانيه کي هن پوسٽ جي ڪري ساراهيو ويو اتي ياسر حسين پاران غير سنجيده مذاق ڪندي کيس(دانيدار) قرار ڏنو هو جنهن تي هانيه عامر سوشل ميڊيا صارفين ۽ شوبز جي ٻين فنڪارن ياسر حسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

سوشل ميڊيا تي ياسر حسين مٿان تنقيد جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. ان ڪري هانيه عامر پنهنجي مداحن کي  ياسر حسين کي وڌيڪ تنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هانيه عامر چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن کي تنگ ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. مون کي خبر آهي اهي  سمورا ماڻهو جيڪي مون کي فالو ڪندا آهن اهي هن ڳالهه کي هاڻ نه وڌائيندا ۽ هتي ئي ختم ڪري ڇڏيندا.