نوجوان ڇوڪري آن لائين سروي کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي

news

ڪوالالمپور: (جمعو 17 مئي 2019ع)  ملائيشيا ۾ هڪ عجيب وغريب واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ 16 ساله ڇوڪري عوامي سروي کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب نوجوان ڇوڪري ديويا اميليا جو تعلق اوڀر ملائيشيا جي علائقي ساراواڪ سان هو ۽ ان جي خودڪشي کان پوءِ ننڍي عمر جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي دماغي صحت تي هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي. انسٽا گرام تي هڪ نوجوان ڇوڪري عوام کان پڇيو ته ڇا مون کي زنده رهڻ گهرجي...؟ يا مرڻ گهرجي ..؟؟ ته ان جي جواب ۾ 69 فيصد ماڻهن چيو ته کيس مرڻ گهرجي. ڇوڪري هڪ مختصر نوٽ ۾ اهو به لکيو هو ته  منهنجي مدد ڪريو آئون مري وڃان يا زنده رهان.؟ ان کان پوءِ اڪثريت ماڻهن کيس مرڻ جو مشورو ڏنو جنهن کان پوءِ ڇوڪريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي.

پوليس موجب ڇوڪريءَ ڪافي وقت کان وٺي پريشاني جو شڪار هئي جنهن عوامي راءِ کان پوءِ بلڊنگ جي عمارت تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڇوڪريءَ جي موت تي پوري ملائيشيا ۾ سوڳ ۽ صدمي جي لهر ڊوڙيل آهي جنهن کان پوءِ نوجوانن جي وزير سيد صادق سعيد عبدالرحمان ملڪي سطح تي نوجوانن کي دماغي صحت ۽ نفسياتي آگاهي جي قومي پروگرام شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته نوجوانن کي دماغي صحت جي باري ۾ فڪرمند آهيان ۽ ان تي سنجيدگي سان ڪم  ڪرڻ گهرجي.