اڏيرو لال اسٽيشن ۾ عورت جو پيءَ سان گڏجي ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج

news

اڏيرو لال اسٽيشن: جمعو 17 مٸي 2019ع: ڳوٺ ڪوٽ محمد عرس سوهو جي رهواسڻ تحفظ لاهي پريس ڪلب پهتي منهنجو ساهرو امداد کوسو ۽ علي حسن عرف مورکوسو مارڻ چاهين ٿا  تحفظ فراهم ڪيو وڃي مهرالنساءَ کوسو.

تفصيل موجب شاهپور ٿاڻي جي ڳوٺ ڪوٽ محمد عرس سوهو جي رهواسين مقيم کوسو ۽ سندس ڌي مهرالنساءُ کوسو پريس ڪلب اڏيرو لال اسٽيشن اڳيان احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته مون پنهنجي نياڻي جي شادي ڪجهه سال اڳ مٽياري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ سانوڻ کوسو ۾ پنهنجي مائٽ امداد کوسي جي پٽ سان وٽي سٽي ۾ ڪرائي هئي پر هاڻ هو ان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ هاڻ  امداد کوسو ۽ علي حسن عرف مورکوسو، وارا منهنجي نياڻي مهرالنساءُ کي مارڻ چاهين ٿا، مهرالنساءُ کوسو الزام هنيو ته منهنجو سهرو امداد کوسو منهنجي مڙس جي غير موجودگي ۾ رات جو منهن تي تشدد ڪري رپيٽر کڻي منهن کي چيو ته هتان نڪري وڃ نه ته  توکي ماري ڇڏيندس.

جنهن کانپوءِ انهن مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ منهن اچي پنهنجي پيءِ جي گهر پناهه ورتي  آهي، جتان پنهنجي پي سان گڏ مٽياري ٿاڻي تي پڻ تحفظ لاهي درخواست ڏني آهي پر پوليس ڪارروائي لاهي تيار ناهي ۽ اهو اڃا به مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ انهن مان مون کي جان جو خطرو آهي. هنن چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته امداد کوسو ۽ علي حسن عرف مور کوسي خلاف ڪارروائي ڪري منهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01