اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ٽن گهرڀاتين کي ايڊز ٿيڻ جو صحت کاتي مٽياري نوٽيس ورتو

news

اڏيرو لال اسٽيشن:جمعو 17 مٸي 2019ع: اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ٽي گهرڀاتي ايڊز ۾ ورتل هجڻ جو ميڊيا تي انڪشاف ٿيڻ بعد ڊي سي مٽياري ۽  هيلٿ کاتو سجاڳ ٿي پيا.

اڏيرو لال ويجهو يوسي شير محمد ٺوڙها جي ڳوٺ حمزو مجيداڻو ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ڊي ايڇ او مٽياري جي حڪم تي ڊسٽرڪ فوڪل پرسن ڊاڪٽر زاهد صدر جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرياڻي  بسما ميمڻ ۽ پي پي ايڇ آءِ طرفان ڊاڪٽر شازهيب ڳوٺ حمزو مجيداڻو پهتا، ايڊز ۾ ورتل نوجوان ارباب مجيداڻو  ۽ سندس گهرواري حاجياڻي کان تفصيلات وٺي انهن پاران ڪرايل مختلف ٽيسٽون پڻ چيڪ ڪيون ويون.

جنهن کانپوءِ  ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران 25 سالن جو ارباب علي مجيداڻو، سندس زال 22 سالن جي مسمات حاجياڻي ۽ سندن 4 سالن جي  پٽ عبدالغفار کي  ايڊز هجڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر زاهد صدر ميڊيا کي ٻڌايو ته ارباب کان ڄاڻ ملي آهي ته هو عطائي ڊاڪٽرن کان پنهنجو علاج ڪرائيندو هو ۽ اهو وقت به وقتن رت پڻ لگرائيندو هو، شڪ آهي ته انهن مان ان کي ايڊز ٿيو آهي.

هن چيو ته سندس گهرواري ۽ پٽ کي پڻ ايڊز ٿيو آهي، هن چيو ته سندن علاج مفت ڪراچي ۾ هلندڙ آهي، ڊاڪٽر زاهد صدر ۽ ڊاڪٽر بسما ميمڻ ايڊز جي حوالي سان ڳوٺاڻ کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته ايڊز جي مريضن سان سهڪار ڪن، هي اهڙي بيماري ناهي جو کائڻ پيئڻ سان به ڪنهن ماڻهو ۾ ٿي وڃي. ايڊز متاثر نوجوان ارباب مجيداڻو چيو ته ميڊيا وارن جو ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جي مسئلي کي ميڊيا تي اجاگر ڪيو.01