ڄامشورو ۾ گلشن شهباز ڪالوني واسي جو حيسڪو لائين مين جي زيادتين خلاف احتجاج

news

ڄامشورو: جمعو 17 مٸي 2019ع:ڄامشورو واسي پورهيت حيسڪو لائين مين جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو آهي. ڄامشورو جي گلشن شهباز ڪالوني واسي پورهيت شاهنواز چانڊيو حيسڪو جي لائين مين منير ڪولاچي جي زيادتين خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان گلشن شهباز ڪالوني ۾ 2013ع کان رهندڙ آهيون، هتي 500 کان وڌيڪ گهر آهن، جڏهن ته حيسڪو جو لائين مين منير ڪولاچي ايس ڊي او جي سرپرستي هيٺ بجلي جي چوري جا ڪنيڪشن لڳائي هر گهر کان ماهوار هڪ هزار رپيا اوڳاڙي رهيو آهي.

جڏهن ته پوري ڪالوني ۾ رڳو 11 کن ميٽر لڳل آهن، اسان به پنهنجي گهر جي بجلي لاءِ ميٽر هڻائڻ جو کيس چيو، پهرين ته هن انڪار ڪيو پر نيٺ هن 21 هزار رپيا نئون ميٽر ۽ ڪنيڪشن هڻڻ جا مون کان ورتا ۽ پئسا وٺڻ کانپوءِ 3 مهينا گذري چڪا آهن پر نه ميٽر لڳو آهي ۽ نه ئي پئسا واپس مليا آهن.

پورهيت شاهنواز چانڊيو وڌيڪ چيو ته پئسا واپس گهرڻ تان لائين مين منير ڪولاچي مون کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ گهرڀاتين سميت ڦاسائڻ جون به ڌمڪيون ڏئي پيو، اهڙي شڪايت مون ايس ايس پي ڄامشورو کي به ڪئي آهي.

هن ٻڌايو ته حيسڪو جو لائين مين منير ڪولاچي مختلف ماڻهن ذريعي حراسان ڪري رهيو آهي، جنهن عمل جو نوٽيس وٺي لائين مين خلاف ڪارروائي ڪري گهر ۾ بجلي جو ميٽر لڳرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.01