مبارڪپور ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب پنج ڄڻا زخمي

news

مبارڪپور: جمعو 17 مٸي 2019ع:مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڪارنهن ڌر جي زخمين ۾ رئيس ڏنل مهر ۽ صدر الدين مهر، جڏهن ته ڳاڙهي ڌر جي زخمين ۾ ڪمال مهر، ڌڻي بخش مهر ۽ راڻو مهر شامل آهن، جهيڙي ۾ زخمي ڄاڻايل ماڻهن سميت ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين کي وارثن پاران علاج ڪرائڻ لاءِ مقامي اسپتال آندو ويو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. جڏهن ته معاملي کي راڄوڻي تحت حل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ هلندڙ آهن.

جڏهن ته مبارڪپور ٿاڻي جي پوليس ٻن زخمين کي ليٽر ڏئي جيڪب آباد سول اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن ٻنهي ڌرين مٿان اين سي پڻ داخل ڪئي وئي آهي، پر گرفتاري نه ٿي سگهي آهي.01