جيل سڌارا گهر آهن، ايذاءُ رسائيندڙ ناهن هوندا: مرتضيٰ وهاب

news

ڪراچي: جمعو 17 مٸي 2019: صوبائي سڌ سماءُ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جيل جو مقصد اصلاح گهر آهي، ايذاءُ رسائيندڙ گهر ناهن. جيل سڌارن جو قانون ڏيڍ صدي پراڻي قانون کي تبديل ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته جيل سڌارا جي لاءِ نئين قانون ۾ مخالف ڌر معاونت ڪئي. فردوس شميم نقوي ۽ جاويد حنيف خان ڀرپور ساٿ ڏنو.

صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ پهريون صوبو هوندو جتي جيل کي سڌارا گهر بڻائڻ لاءِ قانون سازي ٿي. قيدين جي عزت نفس ۽ معاشرتي پهلو کي به ان ايڪٽ ۾ امتيازي حيثيت حاصل آهي. جيل کان ٻاهر ايندڙ قيدين کي باعزت شهري بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ هي بل پيش ٿي رهيو آهي. قيدين جي اصطلاح لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قانون ساز اسيمبلي چوڻ جو اعزاز آهي. سنڌ پرزنز اينڊ ڪريڪشن سروس ايڪٽ 2019ع کي اصلاحي بل سان ڳنڍي سگهجي ٿو.