عبدالحفيظ شيخ جي ڪراچي ۾ صنعتڪارن سان ملاقات

news

ڪراچي: جمعو 17 مٸي 2019: ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ڪراچي ۾ واپارين، صنعتڪارن ۽ اسٽاڪ بروڪرز سان ملاقات ڪئي.

ناڻي واري کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر خاقان نجيب جو چوڻ آهي ته عبدالحفيظ شيخ سرمائيدارن کي اعتماد ۾ ورتو. ناڻي واري صلاحڪار اسٽاڪ مارڪيٽ جي بروڪرز کي ڏکيائيون ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

ناڻي واري وزارت جي ترجمان موجب موجوده معاشي صورتحال تي صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارڪيٽ کي 17 ارب رپين جو ڊيزاسٽر سپورٽ فنڊ فراهم ڪيو ويندو.