بابر اعظم جي سينچري ڪم نه آئي: انگلينڊ پاڪستان کي هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

news

نوٽنگهم: (ڇنڇر 18 مئي 2019ع) انگلينڊ چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان کي 3 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 340 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ بابر اعظم جي بهترين سينچري به شامل هئي. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم بهترين مقابلي کان پوءِ ميچ ٽن وڪيٽن کان کٽي ورتو. انگلينڊ هدف آخري اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ۽ سيريز ۾ 0-3 جي ناقابل شڪست برتري حاصل ڪري ورتي.

سيريز جو پهريون ميچ برسات سبب ڊرا ڪيو ويو هو جڏهن ته پنجون ۽ آخري ون ڊي 19 مئي تي ليڊز ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان طرفان اننگر جي شروعات امام الحق ۽ فخرزمان ڪئي. پر ليفٽ آرم اوپنر امام الحق ٺونٺ ۾ بال لڳڻ سبب گرائونڊ کان ٻاهر هليو ويو هو 3 رنسن تي کيڏي رهيو هو. امام الحق جي رٽائرڊ برٽ ٿيڻ کان پوءِ بابر اعظم ڪريز تي آيو جنهن فخرزمان سان گڏجي ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي. ٻنهي ڄڻن ملي ٽيم جو اسڪور 116 رنسن تائين پهچايو ان موقعي تي فخرزمان 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان کان پوءِ محمد حفيظ ڪريز تي آيو ۽ پراعتماد بيٽنگ ڪئي. حفيظ ۽ بابر اعظم بهترين پارٽنر شپ قائم ڪندي اسڪور 220 رنسن تائين پهچايو. محمد حفيظ 50 رنسون مڪمل ڪيون ۽ 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جنهن کان پوءِ بابر اعظم به پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي ۽ هو 115 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ان وقت پاڪستان جو گڏيل اسڪور 249 رنسون هو. اها بابر اعظم جي ون ڊي ڪيريئر جي 9 سينچري هئي. شعيب ملڪ 41، آصف علي 17 ۽ عماد وسيم 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪپتان سرفراز مٿين نمبرن تي کيڏڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر هو اٺين نمبر تي بيٽنگ جي لاءِ آيو. سرفراز احمد 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ريٽائرڊ برٽ ٿيندڙ امام الحق 48هين اوور ۾ ٻيهر بيٽنگ جي لاءِ آيو ۽ 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

انگلينڊ جي طرفان فاسٽ بولر ٽام ڪرن4، مارڪ ووٽ ٻه ۽ آرچر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. انگلينڊ جي طرفان اننگز جي شروعات جيسن رائي ۽ جيمز ونس ڪئي ۽ ٻنهي  پهرين وڪيٽ تي 94 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي. ان موقعي تي ونس 53 رنسون ٺاهي محمد حسنين جي بال تي بولڊ ٿي ويو. ان کان پوءِ جوئي روٽ ڪريز تي آيو جنهن جيسن رائي جو ساٿ ڏنو ۽ ٽيم جو اسڪور 201 تائين پهچايو. ان دوران جيسن راءِ پنهنجي سينچري اسڪور ڪئي ۽ 114 رنسون ٺاهي حسنين جو شڪار ٿيو. ان کان پوءِ انگلينڊ جون 3 اهم وڪيٽون هڪ ٻئي پويان ڪري پيون. 208 جي اسڪور تي پهريان جوئي روٽ 36 ۽ ڪپتان جوس بندر ڪابه رنس ٺاهڻ بنا آئوٽ ٿي ويا. جڏهن ته 216 رنسن جي گڏيل اسڪور تي معين علي به ڪابه رنس ٺاهڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.

3 اهم وڪيتون ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ محتاط بيٽنگ شروع ڪئي ۽ پاڪستان اسپنرز رنسن کي روڪي رکيو. پر بين اسٽوڪس ان موقعي تي ذميدارانه اننگز کيڏندو رهيو. انگلينڊ کي آخري ٻن اوورن ۾ 19 رنسن جي ضرورت هئي. 49هون اوور جنيد خان ڪرايو. بين اسٽوڪس ۽ عادل راشد ڪيريز تي موجود هئا. جنيد خان 16 رنسون ڏئي ميچ انگلينڊ جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو. آخري اوور ۾ حسن علي کي 3 رنسون روڪڻيون هيون. پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ ميچ انگلينڊ کٽي ويو.