نشوا جي ڪيس جو چالان پوليس عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 18 مئي 2019ع) پوليس غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ معصوم نينگري نشوا جي ڪيس جو چالان عدالت ۾ اڃا تائين پيش نه ڪري سگهي.

جوڊيشل مجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ نشوا فوتگي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ دارالصحت اسپتال جي مالڪن سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران پوليس عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي جنهن لاءِ جاچ آفيسر عدالت کان وڌيڪ وقت گهريو، عدالت پوليس کي پنجويهه مئي تائين چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته 9 مهينن جي نشويٰ کي 6 اپريل تي گلستان جوهر جي خانگي اسپتال دارالصحت ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هو دماغي طور تي مفلوج ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ کيس اسٽيڊيم روڊ تي واقع اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي 22 اپريل تي نشوا  فوت ٿي وئي هئي.