لاهور: عدالت پاران علي ظفر کي سپريم ڪورٽ جو حڪمنامو ۽ سمورن گواهن جا حلفيه بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

news

لاهور: (ڇنڇر 18 مئي 2019ع) لاهور جي مقامي عدالت علي ظفر کي ساک کي نقصان پهچائڻ واري ميشا شفيع جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو ۽ سمورن گواهن جا حليفه بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

اداڪاره ميشا شفيع خلاف علي ظفر جي ساک کي نقصان پهچائڻ واري دعويٰ تي لاهور جي مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. علي ظفر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اسان سمورن گواهن جون شهادتون حليفه  بيان سان گڏ جمع ڪرائينداسين. عدالت پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪمنامو ڪٿي آهي.؟ ميشا شفيع جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو جلد معزز عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏينداسين. علي ظفر جي وڪيل چيو ته جڏهن اسان حلفيه بيان جمع ڪرائينداسين تڏهن ئي ڌرين جي وڪيلن جي آڏي پڇا مڪمل ڪنداسين.

علي ظفر جي وڪيل جي طرفان عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته ٽي گواهه ڪراچي ۾ آهن حلفيه بيان ڪراچي ۾ صحيح ڪرائڻ جي لاءِ موڪليا ويا آهن. عدالت اسان کي اڄ جي ٻڌڻي ۾ مهلت فراهم ڪري. عدالت علي ظفر جي وڪيل جي اپي منظور ڪندي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو ۽ سمورن گواهن جا  حلفيه بيان جامع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج امجد علي شاهه ڳائڻي علي ظفر جي طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.