ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ٻارنهن مئي واقعي ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

news

ملير(رپورٽ: دريا خان شر)ڇنڇر 18 مٸي 2019ع:اسٽيل ٽائون پوليس جي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي دوران ھٿيار ۽ ايمونيشن سميت 12 مئي جي واقعي ۾ ملوث متحدہ لندن جي ٽارگٽ ڪلر کي گلشن حديد مان گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محسن سليم عرف محسن ڇھوٽو عرف محسن گنجاني پنهنجي ساٿين سان گڏجي 18 کان وڌيڪ ٽارگٽ ڪلنگ جو اعتراف ڪيو. جوابدار 12 مئي2007 ۾ متحدہ لندن جي اعليٰ قيادت جي چوڻ تي  ملير ھالٽ کان ايئرپورٽ تائين چار کان وڌيڪ ماڻھن کي ٽارگٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آھي.

گرفتار ٽارگيٽ ڪلر کان غير قانوني هٿيار ۽ دستي بم پڻ برآمد ٿيو آھي. گرفتار ٽارگٽ ڪلر جي خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪيسن جي مطابق به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ھٿ آيل ھٿيارن کي فارنزڪ جي لاءِ موڪليو ويو آھي.01