پيٽرول کان پوءِ سي اين جي قيمت ۾ ٽي روپيه واڌ جو اعلان

news

لاهور: (ڇنڇر 18 مئي 2019ع) آل پاڪستان سي اين جي ايسوسي ايشن پنجاب ڪمپريسڊ نيچرل گيس(سي اين جي) جي قيمت ۾ 3  روپين جي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ڊالر ۽ پيٽرول کان پوءِ سي اين جي به مهانگي ٿي وئي آهي.

آل پاڪستان سي اين جي ايسوسي ايشن قيمت ۾ 3 روپيه واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب سي اين جي جي نئين قيمت 79 روپيه 90 پئسن کان وڌي 82 روپيه 79 پئسا ٿي وئي آهي. آل پاڪستان سي اين جي ايسوسي ايشن پنجاب جي چيئرمين ڪيپٽن(ر) شجاع انور چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن دوران ڊالر جي قيمت ۾ 7 روپين جي اضافي سبب قيمتون وڌائڻيون پيون. سي اين جي جون قيمتون ڊالر سان جڙيل آهن جنهن سبب مجبوريءَ ۾ اضافو ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

ياد رهي ته 2 مئي تي ڊالر جي قيمت 141 روپيه 49 پئسا هئي جيڪا 17 مئي تي 149 روپيه ٿي وئي جڏهن ته اوگرا به ايندڙ مالي سال جي لاءِ گيس جي قيمت ۾ 47 فيصد اضافي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.