وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ جي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع

news

لاهور: ڇنڇر 18 مٸي 2019: پنجاب اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ جي مطالبي جي قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي.

قرارداد مسلم ليگ (ن) پنجاب جي سيڪريٽري اطلاعات ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر عظميٰ بخاري جي طرفان جمع ڪرائي وئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان معاشي بحران جو شڪار ۽ روپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڊالر 150 رپين کان چڙهي ويو آهي.

(ن) ليگي اڳواڻ جي طرفان قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته موجوده حڪومت جي نالائقي جي ڪري ترقي جي شرح 2.7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. عظميٰ بخاري جي طرفان جمع ڪرايل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ مسلسل ٻاڙائي جو شڪار آهي، جنهن جي بنياد تي پاڪستان جا زرمبادلا مسلسل گهٽ ٿي رهيا آهن.

قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته انهن سڀني حالتن جو ذميوار سڌو سنئون وزيراعظم آهي، تنهن ڪري وزيراعظم عمران خان کي فوري طور تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.