ڪوٽڙي ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيت جو گهر سڙي رک، واهر جي اپيل

news

ڪوٽڙي: ڇنڇر 18 مٸي 2019ع:ڪوٽڙي جي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ ڀرسان بند واري علائقي ۾ برفت برادري جي گهرن کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، باھ سبب گهر ۾ پيل ڏاج ۽ ٻيو گهر جو سامان سڙي رک ٿي ويو، باھ سبب گهرڌڻي سڙي زخمي ٿي پيو.

باھ واري اطلاع تي ميونسپل ڪوٽڙي جي فائربرگيڊ گاڏي بروقت پهچي باهه تي ضابطو آندو. ڪوٽڙي جي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ ڀرسان علي محمد برفت جي گهر کي ماني پچائڻ دوران اوچتو باهه لڳي وئي، گهرڌڻين ڀڄي جان بچائي، باھ لڳڻ ڪري گهرڌڻي علي محمد برفت سخت زخمي ٿي پيو ۽ گهر ۾ پيل گهر جا 40 بسترا، 2 پيتون ۽ نياڻين جي ڏاج جو سامان، 10 هزار رپيا روڪ رقم ۽ سامان سڙي رک ٿي ويو.

جڏهن ته متاثر خاندان کلي آسمان هيٺ ويٺل آھي. ان موقعي تي متاثر علي محمد برفت ٻڌايو ته گهر ۾ ستل هئاسين ته اوچتو چلهه مان باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن ۾ منهنجا هٿ سڙي ويا آهن، هن چيو ته گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، غريب آهيان  ڪکاوائون گهر هو، جيڪو ڏينهن رات  محنت ڪري ٺاهيو هو،  جيڪو سڙي ويو آهي.

هن وڌيڪ باهه سبب گڏ ڪيل نياڻين جو ڏاج پڻ سڙي ويو آهي. هن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آھي.01