پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جي چئلينج جي لاءِ تيار آهي: وقار يونس

news

لاهور: ڇنڇر 18 مٸي 2019: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ ۽ فاسٽ بالر وقار يونس قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ چئلينج جي لاءِ تيار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ بوري والا ايڪسپريس جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي خلاف سيريز هارڻ جي باوجود مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ٽيم ورلڊ ڪپ جي چئلينج جي لاءِ تيار آهي.

اڳوڻي فاسٽ بالر جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي نمبر وڌائڻ ۽ ان کي هيٺ ڏيکارڻ بجاءِ سپورٽ ڪريو ۽ اعتماد ڏيو، جنهن جا اهي مستحق آهن.