ميرپورماٿيلو ۾ ڪينسر جو مرض تيزي سان وڌڻ لڳو، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل

news

ميرپور ماٿيلو: ڇنڇر 18 مٸي 2019ع:ضلعي ضلعي ۾ ڪينسر جو مرض ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو هن موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر افسوس جو صحت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو هن موضي مرض سبب پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اُجهائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن وري ڪينسر ۾ ورتل ماڻهن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندن توڙي وس وارن سار ناهي لڌي، جنهن سبب ڪينسر ۾ ورتل ماڻهن جا گهرڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.

ان حوالي سان ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ علي خان نائچ جو رھواسي 8 ٻارڙن جو پيءُ بلاول علي چنا جيڪو اڪيلو ڪمائيندڙ آھي، ھن وقت هي گڙدن ۾ ڪينسر جي مرض سبب ميرپور ماٿيلو ۾ ڪرائي جي گھر ۾ بي يارو مددگار بڻيل آھي. هن جا گهرڀاتي سخت پريشاني ۾ ورتل آهن ۽ غربت سبب اعلاج ناهي ڪرائي سگهيو.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته بلاول چنا جي زندگي بچائڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن دادلغاري ويجھو ڳوٺ بختيار پتافي جو رھواسي اٺ سالن جو شاگرد رفيع الدين پتافي کي ڪينسر ھجڻ جو شڪ، رفيع الدين پتافي جي بابا دلمراد پتافي ٻڌايو ته منھنجو پٽ رستو ڪراس ڪندي حادثي جو شڪار ٿيو ھو، جنھن سبب ھو زخمي ٿيو ھو، ان کي ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو ھو، جنهن جو مسڪين ھجڻ ڪري مڪمل علاج نه ڪرائي سگھيس، جنھن سبب منھنجي پٽ کي ڪينسر ھجڻ جو شڪ آھي، مون وٽ پئسا نه ھجڻ ڪري پٽ جون ٽيسٽون نٿو ڪرائي سگھان، منھنجي پٽ ڪيترائي ڀيرا اسڪول ۾ فرسٽ پوزيشنون پڻ کنيون آھن.

ان موقعي تي ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل معصوم رفيع الدين پتافي ٻڌايو ته مان تعليم حاصل ڪرڻ چاھيان ٿو، منھنجو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي، جئين مان ٺيڪ ٿي تعليم حاصل ڪري سگهان ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھان. هنن ضلعي گھوٽڪي سان تعلق رکندڙ انسان دوستن کي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.01