سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب نو ڄڻا ٻڏي ويا، ٻه عورتون فوت، ٻين جي ڳولا جاري

news

مٽياري:(رپورٽ: طارق ميمڻ):ڇنڇر 18 مٸي 2019: مٽياري سنڌو درياءَ ۾ بچاءَ بند ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻه عورتون مسمات آسيت ۽ مسمات پوپري ٻڏي فوت ٿي ويون ۽ 4 ڄڻا لاپتا آهن. جڏهن ته 3 ڄڻن کي زندهه بچائي ڪڍيو ويو. لاپتا ماڻهن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي.

رپورٽ موجب ڪچي واري علائقي ڏانهن ٻيڙي تي 9 ڄڻا سوار هئا. جيڪا تيز طوفان سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن سبب 9 ئي ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان ٻه عورتون مسمات آسيت ۽ مسمات پوپري ٻڏي فوت ٿي ويون ۽ 4 ڄڻا لاپتا آهن. جڏهن ته خوشقسمتي سان 3 ڄڻن کي بچايو ويو آهي.

هوڏانهن ان ڳالهه جي خبر پوندي ئي علائقي جا ماڻهو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پڄي ويا، جتي ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو. ايس ايس پي موجب تيز طوفان ۽ اونداهي سبب ٻڏي ويلن جي ڳولا ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

جڏهن ته فوت ٿيل عورتن کي ايمبولينس ذريعي ڄامشورو اسپتال نيو ويو، جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي سبب علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.