مخالف ڌر جي احتجاج جون تياريون: اڄ افطار ڊنر تي حڪومت خلاف جمع ٿيندا

news

لاهور: (آچر 19 مئي 2019ع) حڪومت خلاف احتجاج تي مشاورت جي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري سمورن مخالف ڌر جي اڳواڻن کي اڄ افطار دنر جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. افطار ۾ مريم نواز به شرڪت ڪندي.

رپورٽ موجب اڄ سموري مخالف ڌر افطار ڊنر ۾ جمع ٿيندي. جنهن ۾ جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان، اي اين پي جو اڳواڻ اسفنديار ولي، امير جماعت اسلامي سراج الحق ۽ اختر مينگل کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب اسلام آباد ۾ ٿيندڙ افطار ڊنر ۾ مسلم ليگ(ن) جو 4 رڪني وفد شرڪت ڪندو. جنهن ۾ پارٽي جو سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي، نائب صدر مريم نواز، حمزه شهباز ۽  سينيٽر پرويز رشيد شامل هوندا. افطار ڊنر ۾ سمورا اڳواڻ حڪومت خلاف آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪندا. هي سياسي افطار پارٽي مخالف ڌر جي آئنده جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اهم آهي.

ان کان اڳ پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ پهريان به عيد کان پوءِ حڪومت خلاف روڊن تي اچڻ جو اشارو ڏئي چڪا آهن. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان به حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جي لاءِ آصف زرداري ۽ نوازشريف سان رابطو ڪري چڪو آهي.