لاڙڪاڻو: بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، چار ڄڻا مارجي ويا

news

لاڙڪاڻو: (آچر 19 مئي 2019ع)  بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جو گهر مٿان حملو فائرنگ سبب پيءُ ٽن پٽن سميت مارجي ويو، هڪ پٽ زخمي. جوابدار واردات کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس  گرفتاري جي لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. 

رپورٽ موجب واقعو نصيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ مڊاديرو ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو. پوليس موقعي تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ پيءُ محمد هاشم بروهي سندس 3 پٽ محمد اسلم، محمد سليم ۽ محرم علي بروهي شامل آهن. جڏهن ته هڪ پٽ محمد فضل  بروهي زخمي ٿيو آهي.

ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ ڪامران نواز پنجوٿا به واقعي واري هنڌ پهچي ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ٻڌايو ته مارجي  ويل چارئي ڄڻا گهر جي ورانڊي ۾ لڳل ٽيوب ويل ۾ وهنجي رهيا هئا. ته مخالفن گهر ۾ گهڙي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. ٻنهر ڌرين ۾ پراڻي دشمني سبب پهريان به 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن واقعي ۾ ملوث جوابدار گهر خالي ڪري ڀڄي ويا آهن جنهن جي گرفتاري لاءِ پوري ضلعي اندر ناڪابندي ڪئي وئي آهي اميد ته کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.