هڪ ڪروڙ روپيه ڀُنگ ڀرڻ کان پوءِ ڪراچي جي ويهه ساله بسمه گهر پهچي وئي

news

ڪراچي: (آچر 19 مئي 2019ع) ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان سحر مان اغوا ٿيل 20 ساله بسمه هڪ ڪروڙ روپيه ڀُنگ ڀرڻ کان پوءِ گهر پهچي وئي. سيڪيورٽي ادارا 10 ڏينهن گذرڻ باوجود به اغوا ڪندڙن جو پتو نه لڳائي سگهيا هئا. 

ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان سحر مان 11  مئي تي واپاري جي ڌيءَ جي اغوا وارو معاملو حل ٿي ويو. بسمه جي ڳولا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ چيلنج بڻيل رهي. 20 ساله بسمه جي اغوا وقت جي سي سي ٽي وي فوٽو به سامهون آيون هيون جنهن ۾ جوابدارن کي گاڏي مان بسمه کي اغوا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

پوليس اختيارين بسمه جي موبائيل فون لوڪيشن به حاصل ڪئي هئي. پر 8 ڏينهن گذرڻ باوجود به سندس پتو نه پئجي سگهيو هو. 19 مئي تي صبح جو بسمه پاڻ گهر پهچي وئي. اعتبار جوڳن ذريعن موجب اغوا ڪندڙ ڪروڙين روپيه ڀُنگ وٺڻ کان پوءِ بسمه کي نامعلوم هنڌ تي ڇڏي فرار ٿي ويا.